تو ته چيو هو - ڪتاب

تو ته چيو هو - ڪتاب

تو ته چيو هو

تو ته چيو هو (ڪتاب ):هي ڪتاب نوجوان شاعر ظفر عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو غزلن ۽ ترائيلن تي مشتمل آهي. ظفر عباسيءَ کي عروضي شاعريءَ تي سٺي دسترس حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ تاج جويي، وشال امير، تسليم سحر، نسرين سيد، نصير مرزا، وفا مولا بخش قمبراڻي ۽ مهڪ جوڳيءَ جا تاثر شامل آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۽ جلد ڪچي واري هن ڪتاب جا 128 صفحا آهن ۽ قيمت 80 رپيا آهي. هي ڪتاب نيو ٿنڪرس فورم طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو